پراڪرت ٻولي

پراڪرت (ٻولي): پراڪرت جو لفظ ”پَرڪرتي“ يعني ”فطرت“ مان نڪتو آهي. پراڪرت اولهه هندستان جي لوڪن جي اصلوڪين ٻولين جو گڏيل نالو آهي. هر خطي جي پنهنجي پنهنجي پراڪرت هئي ۽ ان جو پنهنجو نالو هو، پراڪرت ٻوليءَ جو هڪ عوامي روپ هو. ڪن عالمن جو خيال آهي ته پراڪرت، سنسڪرت مان نڪتل ٻولي آهي، پر ٻنهي ٻولين ۽ ادب جي گڏيل پهلوئن تي غور ڪرڻ کان پوءِ عالم اهو خيال ڏيکارين ٿا ته پراڪرت، سنسڪرت ٻـوليءَ مـان نه نڪتـي آهي، ڇو سنسڪرت ’سنـواريـل ٻـولـي‘ (Refined Polished Language) آهي، جڏهن ته پراڪرت جو وڏو ماهر هيم چندر انهيءَ نُڪتي جي حمايت نٿو ڪري. ان جي باوجود ڪيترائي عالم اهو سمجهن ٿا ته پراڪرت ۽ سنسڪرت ٻنهي ٻولين جون صورتون برابر هڪ ئي وقت ڳالهايون ويون آهن. البت پراڪرت عام ماڻهن ۽ سنسڪرت اوچين ذاتين ۽ پنڊتن جي ٻولي هئي، ان جو ثبوت اسان کي سنسڪرت جي ڊرامن مان ملي ٿو، جن ۾ راجائن ۽ اُچي پد وارن جي ٻولي سنسڪرت آهي سپاهي ۽ عام ڪارندا پراڪرت ڳالهائيندڙ آهن.
نيمي ساڌوءَ جو خيال آهي ته، سنسڪرت ۽ پراڪرت ۾ 95 سيڪڙو لفظ پنهنجي اصل صورت ۾ گڏيل آهن ۽ گرامر/ صرف و نحو جي لحاظ کان به انهن جو استعمال ساڳيو آهي، ان جي باوجود پراڪرت عام ماڻهن جي ابتدائي ٻولي آهي. ايستائين جو سڀ کان قديم ادب، يعني ويدن ۾ به پراڪرت جا لفظ ۽ انهن جون وياڪرڻي صورتون موجود آهن. سنسڪرت لفظ/اصطلاح جو ذڪر پنڊت پاڻينيءَ جي تصنيف ”شِڪشا“ ۾ ڪيو ويو آهي، جيڪا گهڻو پوءِ جي تصنيف آهي، جنهن ۾ پراڪرت جا ڪيترا لفظ شامل آهن. هندي ٻوليءَ ۾ جيڪي لفظ استعمال ڪيا وڃن ٿا، انهن مان گهڻا تڻا پراڪرت ٻوليءَ جا آهن؛ مثال طور: پاڻي، گهور، ڇري، پٿر، ڪتو، ڍڳو ۽ واري وغيره. ڪيترا عالم پراڪرت تي سنسڪرت جي اثر کي واضح ڪرڻ لاءِ بي شمار مضمون لکي چڪا آهن، پر انهن مان پراڪرت ٻوليءَ کي وڌيڪ مدد ملي آهي. پروفيسر هرٽل جو خيال آهي ته ”پنج تني“ شروع ۾ پراڪرت ۾ لکيو ويو هو.
عام طور پراڪرت ٻوليءَ کي ٽن دؤرن ۾ ورهايو ويو آهي: هڪڙو پالي دؤر: جنهن جو زمانو ٻڌ جي دؤر کان شروع ٿي، عيسوي سن جي اوائل تائين پهچي ٿو. ٻيو پراڪرت جو زمانو، پهرين صدي عيسويءَ کان 600ع تائين آهي. ٽيون اپڀرنش (گاڏڙ ٻوليءَ ) جو زمانو آهي، جيڪو 1100ع تائين هلي ٿو. ڀارت جي ماهرن، پراڪرت جا ست قسم ڳڻايا آهن: شورسيني، ماگڌي، ارڌگامڌي، داڪشي ناٽيا، واهه ليڪي، اونتي ۽ پراچيه. صرف و نحو (وياڪرڻ) جي ماهر چاڻڪيه، اُن ۾ مهاراشٽري، پئشاچي ۽ اپڀرنش جو اضافو ڪيو آهي. ورچيءَ، مهاراشٽري گرامر تي نوَ (9) باب لکيا آهن ۽ ٽي باب پئشاچيءَ، ماگڌيءَ ۽ شورسينيءَ لاءِ مخصوص ڪيا آهن. ”ساهتيه درپن“ ۾ 12 قسمن جي پراڪرتن جو ذڪر آهي، جنهن ۾ شاڪري، دراوڙي، اڀيري ۽ چانڊاليءَ کي به شامل ڪيو ويو آهي، پر ٻوليءَ جي انهن شاخن سان پنج پراڪرت ٻوليون سٺي ادب جي سٺي ذخيري سان مالا مال آهن. دراوڙي ته ڪنهن به صورت ۾ پراڪرت جي شاخ نه آهي.مهاراشٽري: هيءَ ڪافي معياري پراڪرت هئي، ادبي پراڪرت جا 80 سيڪڙو ڪتاب، هن ٻوليءَ ۾ لکيل آهن. پنجين ۽ ڇهين صديءَ ۾ پراڪرت وڌيڪ وسيع پئماني تي پکڙي هئي.
شورسيني: مٿرا لڳ شتروگهن جي حڪومت ۾ هيءَ ٻولي ڳالهائي ويندي هئي، جيڪا ”برج ڀاشا“ مان نڪتل آهي، جنهن مان ’جديد هندي‘ ٻولي نڪتي آهي. جاگرافيائي حوالي سان مڌيه پرديش سان تعلق رکڻ سبب هينئر اها ٻولي تمام گهڻي ڳالهائي وڃي ٿي.
ماگڌي: هيءَ ٻولي اوڀر- بهار ۾ ڳالهائي ويندي هئي ۽ جديد ”ماگڌي“ اُن مان نڪتي آهي. ٻڌمت وارن پنهنجي تعليم لاءِ هن ٻوليءَ کان مدد ورتي هئي. هن جي اوائلي شڪل کي ”پالي“ چيو وڃي ٿو. مهاراجا اشوڪا جي دؤر ۾ اڪثر رياستن جي هيءَ ئي ٻولي هئي. هن جا نشان اوڀر ۽ اولهه ۾ حڪومتن پاران نصب ڪيل پٿرن تي ڏٺا ويا آهن.
ارڌ ماگڌي: هن ۾ شورسيني ۽ ماگڌيءَ جي وياڪرڻ (گرامر) جون خصوصيتون آهن، ان لاءِ هن کي ارڌ ماگڌي چون ٿا. اَوَڌ ۽ ڀوڄ پور ۾ اها ئي اوائلي ٻولي ڳالهائي ويندي هئي.
پئشاچي: هن جي اصلي صورت کي معلوم ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي. ٻڌن جي ”سٿاويد وادي“ ڪتاب هن ٻولي ۾ هئا. ”دش روپڪ“ چوي ٿو ته هيءَ ٻولي ننڍيءَ ذات جي ماڻهن ۾ ڳالهائي ويندي هئي. واگهه ڀٽ چوي ٿو ته: هيءَ ٻولي ٽِن قسمن جي هئي، جيڪا بلوچستان ۾ ڳالهائي ويندي هئي؛ پنچا، پنجاب ۽ اتر پرديش ۾ به ڳالهائي ويندي هئي. هارنل جو چوڻ آهي ته پئشاچي دراوڙي ٻولي آهي. هن ٻوليءَ جا ڪجهه مثال حڪومتي فرمانن وارن پٿرن تي اُڪريل چيني ترڪستان، ڪافرستان ۽ گنڌارا ۾ موجود آهن. هن ٻوليءَ ۾ دراوڙي حرف صحيح ”لا“ يا ”را“ جو استعمال ٿئي ٿو، جيڪو هنديءَ ۾ نه آهي، البت مرهٽي، اڙيا، قديم راجسٿاني ۽ ابتدائي سنسڪرت ۾ آهي.
پراڪرت جي ڪن ماهرن جو خيال آهي ته اتر هندستان جون ڪيتريون ئي ڏيهي ٻوليون هن قديم ٻوليءَ جي خاص شاخن مان ڦٽيون آهن، مثال طور: ’شورسيني پراڪرت‘ مان هيٺين ٻولين وجود ورتو: مغربي هندي، برج ڀاشا، راجسٿاني، پنجابي، پئشاچي، لهندا ۽ سنڌي عالمن جو اهو به خيال آهي ته ”برهٿ ڪٿا“، تامل ”پيروم ڪٿائي“ ۽ پنج تنتر جو ماخذ آهي. هنديءَ ۾ ويدانتي، مجازي، رزميه ڪوتائن جو بنياد پراڪرت آهي. ڇند وديا ۽ نظم جون ڪيتريون ئي صورتون پراڪرت جو حصو آهن. پراڪرت جي مطالعي مان اسان کي هزارين سالن جي ابتدائي تاريخ، مذهب، سماجي نظام، سياسيات، فن ۽ ثقافت جي ڄاڻ ملي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو